اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو رولو ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، آفيسر طلب

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته آفيسر پيش ٿي ٻڌائن ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي وئي؟ عدالت رولو ڪتن کي تڪليف سان مارڻ بدران پاليسي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالت چيو ته چيئر پرسن وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ ٻڌائي ته رولو ڪتن کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ ڇا ڪهڙي پاليسي ٺهي؟ ڇو ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي چيئرمين، وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ ۽ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سڀني آفيسرن کي 16 نومبر تي طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔