اپوزيشن گهڻي دير ڪري ڇڏي، هاڻ خوار ٿيندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڌرڻي جو اصل وقت تڏهن هو، جڏهن فضل الرحمان پهريون ڀيرو اسلام آباد آيو هو، هاڻ اهي ڌرڻو هڻندا ته خوار ٿيندا.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو اپوزيشن سان شڪايت آهي ته انهن جلسا جلوس ڍير سان شروع ڪيا، 6 مهينا ته انهن کي وارم اپ ٿيڻ ۾ لڳي ويندا، اپوزيشن ڌرڻو هڻندي ته خوار ٿيندي، منهنجي جماعت عمران خان سان گڏ آهي.

هن چيو ته شهباز شريف جو نالو اڳ کان اي سي ايل تي آهي، هڪ ٻيو ڪيس موڪليو ويو آهي، ان ۾ به نالو اي سي ايل تي هوندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٽي ايل پي سان معاهدو ٿي چڪو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔