سرڪاري ٽي وي جي اسپورٽس اينڪر نعمان نياز ۽ شعيب اختر ۾ ٺاھ ٿي ويو

ڪراچي: سرڪاري ٽي وي جي اسپورٽس اينڪر نعمان نياز اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر کان غير مشروف معافي وٺي ڇڏي آھي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري جي ٽياڪڙي سان شعيب اختر ۽ ڊاڪٽر نعمان نياز ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن بعد ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي ويو

ڊاڪٽر نعمان نياز پنهنجي بيان ۾ شعيب اختر کان معافي وٺندي چيو آهي ته لائيو پروگرام دوران اڳوڻي ڪرڪيٽر سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن تي افسوس آهي، نعمان نياز سرڪاري ٽي وي تي لائيوَ پروگرام دوران شعيب اختر کي شو ڇڏڻ لاءِ چيو هو، اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر چيو آهي ته مون پهرئين ڏينهن نعمان نياز کي معاف ڪري ڇڏيو هو، سڀئي اِن ڳالهه تي متفق هئا ته پروگرام ۾ مون سان زيادتي ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔