ٽن سالن کان حڪومت جو ساٿ پيا ڏيون، هي نه پيا ڏين: چوڌري پرويز الاهي

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب ۽ وفاق ۾ اتحادي ۽ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ پرويز الاهي چيو آهي ته اسان ٽن سالن کان حڪومت سان ساٿ پيا نڀايون پر اها اسان سان ساٿ نه پئي نڀائي.

مسلم ليگ (ق) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن جي صدارت چوڌري پرويز الاهي ڪندو. ان حوالي سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسان 3 سالن کان وفاق ۽ صوبي حڪومت سان ساٿ پيا نڀايون پر اها اسان سان ساٿ نه پئي نڀائي. پنجاب حڪومت هر علائقي ۾ اسان جي ڪارڪنن سان ناروا سلوڪ ڪري رهي آهي.

سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته سينيٽ جي اليڪشن حڪومت کي ياد ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي، حڪمران وساري ويٺا ته ووٽ گهرڻ کان سواءِ ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪئي، حڪمران اهو به وساري ويٺا ته سندن ڪو به نمائندو ووٽ گهرڻ نه آيو. ڪامل علي آغا اهو به چيو ته اسان کين سينيٽ جي مشڪل ترين چونڊن ۾ ڪاميابي سان کٽايو آهي، پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ مشاورت بعد سڀاڻي متفقه فيصلو جاري ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔