ڊينگي وائرس: پنجاب ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور: ڊينگي کي روڪڻ جي لاءِ سموري پنجاب ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي ته حڪومت ڊينگي کي روڪڻ جي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.
حڪومت طرفان ڊينگي اسپري به نه پيو ڪرايو وڃي. عدالت حڪومت کي فوري طور تي ڊينگي کان بچاءُ لاءِ اسپري ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ۽ صوبي ۾ فوري طور تي ڊينگي تي قابو ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هدايتون جاري ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔