ق ليگ جون حڪومت کي ميارون، اهم اجلاس طلب

لاهور: تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعت ق ليگ جي اڳواڻ پرويز الاهي چيو آهي ته اسان ٽن سالن کان حڪومت جو ساٿ نڀائي رهيا آهيون پر اهي اسان جو ساٿ نه پيا ڏين.

ق ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن جي سربراهي چوڌري پرويز الاهي ڪندو.

ان حوالي سان پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسان ٽن سالن کان وفاق ۽ صوبي کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون، اسان حڪومت جو ساٿ نڀائي رهيا آهيون پر اهي ساٿ نٿا ڏين.

هن چيو ته پنجاب حڪومت جي انتظاميا هر ضلعي ۾ اسان جي ڪارڪنن سان خراب ورتاءُ ڪري رهي آهي.

سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته حڪومت کي ياد ڏيارڻ لاءِ سينيٽ جي چونڊ ئي ڪافي آهي، حڪمران وساري ويٺا ته ڪيئن ووٽ وٺڻ بنا انهن کي ڪاميابي ملي، حڪمران اهو به وساري ويٺا ته انهن جو ڪو شخص ووٽ وٺڻ لاءِ به نه آيو.

سندس چوڻ هو ته اسان انهن کي ڏکئي مرحلي ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪاميابي سان ڪڍيو، پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ مشاورت کانپوءِ گڏيل فيصلو سڀاڻي جاري ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔