لانگ مارچ گهڻو پري آهي، الله ڪندو اُن کان اڳ ڪم ٿي ويندو: خورشيد شاھ

سکر: پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاھ چيو آھي تھ لانگ مارچ گهڻو پري آهي، الله ڪندو اُن کان اڳ ڪم ٿي ويندو، هاڻي هر شئي بهتر ٿي ويندي ۽ غلط فهميون ختم ٿي وينديون، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت نئون خط لکي اپوزيشن کي قانونسازي تي ڳالهين دعوت ڏني آهي، اسان اجايو مسئلا پيدا ڪرڻ تي يقين نٿا رکون

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي خورشيد شاھ چيو تھ آئين جي دائري ۾ رهي قانونسازي بابت حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اها غلط فهمي آهي ته نواز ليگ ۾ 2 ڌڙا آهن، في الحال ڪابه نئين حڪومت ٺهڻ نه پئي وڃي، منهنجي وزيراعظم ٿيڻ سان ڪو پهاڙ نه ٽٽندو ۽ نه ئي مون کي وزيراعظم ٿيڻ جو شوق آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔