عام واھپي جي 30 شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، کير جو اگھ 140 رپيا في لٽر مقرر

ڪراچي: ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران عام واهپي جي ٽيهه شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي آھي، ٽماٽا، بصر، پٽاٽا، آنا ۽ وڏو گوشت مهانگا، اٽي، دالين ۽ ٿوم جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ڪراچي ۾ کير جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آھن

 ڊيري فارمرز پنهنجي طور کير مهانگو ڪندي 140 رُپيا في لِٽر وڪرو شروع ڪري ڇڏيو آھي، ڪمشنر جي ريٽ لسٽ تحت 90 رُپيا في لٽر کير جو وڪرو نظرانداز ڪيو ويو آھي، انتظاميا سرڪاري اگهه تي کير جو وڪرو يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام، ڪوئيٽا ۾ ڊيري فارمرز چارو ۽ جانور مهانگا ٿيڻ جو بهانو ڪري کير جو اگهه 140 رُپيا في لٽر ڪري ڇڏيو آھي

جڏھن تھ پيٽرول جون قيمتون وڌڻ بعد ٽرانسپورٽرز پاران بھ پنھنجي مرضي جو ڪرايو مقرر ڪيو ويو آھي، 10 کان 15 رپيا ڪرايو وڌايو ويو آھي، بسن ۾ مسافرن ۽ ڪنڊيڪٽرز ۾ جھيڙا عام بڻجي ويا

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔