حڪومت پارلياماني ڪميٽي ۾ اپوزيشن کي برابر نمائندگي ڏيڻ تي راضي

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي حڪومت پارلياماني ڪميٽي ۾ اپوزيشن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي ڏيڻ تي راضي ٿي وئي.

ذريعن موجب حڪومت پارلياماني ڪميٽي ۾ برابري نمائندگي جو اپوزيشن جو مطالبو قبولي ورتو آهي.

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته اپوزيشن ۽ حڪومت جي پارلياماني ڪميٽي ۾ 6،6 ميمبر هوندا ۽ ان جي چيئرپرسن شيري مزاري هوندي.

حڪومت پارليامينٽ ڪيمٽي مان شفقت محمود، خالدا اطيب، ڪامل علي آغا ۽ سينيٽر هدايت الله ڪڍي ڇڏيو.

ذريعا ٻڌائن ٿا ته پارلياماني ڪميٽي ۾ اعظم سواتي، فواد چوڌري، تاج حيدر، اعظم نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ کي شامل ڪيو آهي.

نظرثاني ٿيل پارلياماني ڪميٽي جو پهريون اجلاس 15 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي، ڪميٽي خبير پختونخواهه ۽ پنجاب جي ميمبرن جي مقرري تي غور ڪندي.

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پهرين ڪميٽي ۾ حڪومت جا 7 ۽ اپوزيشن جا 5 ميمبر کنيا ويا هئا، ڪميٽي جا انکان اڳ 2 اجلاس اپوزيشن جي خدشن جي ڪري گهرائي ملتوي ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔