ملڪ ۾ ڪورونا جو زور ٽٽڻ لڳو، هڪ ڏينهن دوران 9 مريض فوت، 300 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: : پاڪستان ۾ ڪورونا جو زور گهٽجڻ لڳو آهي. هڪ ڏينهن دوران 9 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 574 ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 79 هزار 142 ٿي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 391 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 41 هزار 631، سنڌ ۾ 4 لک 73 هزار 52، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 78 هزار 926، بلوچستان ۾ 33 هزار 383، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 400، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 249، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 501 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 13 لک 18 هزار 930 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 524 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 27 هزار 228 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 158 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 9 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 584 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 967، سنڌ ۾ 7 هزار 599، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 786، اسلام آباد ۾ 947، بلوچستان ۾ 358، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 741 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔