نااهلي ڪيس: فيصل واوڊا جي اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻي روڪرائڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصل واوڊا جي پنهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي روڪرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن کي 12 آڪٽوبر جو فيصلو چيلينج ڪندي ٻڌڻي روڪڻ جي درخواست ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله فيصل واوڊا جي وڪيل کي چيو ته اوهان کي ڪهڙو ڊپ آهي اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، وڪيل ٻڌايو ته هي ڪيس سينيٽ اليڪشن بابت آهي اليڪشن ڪميشن ڪاميابي جي 60 ڏينهن ۾ اهليت جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي روڪي فيصل واوڊا جي خلاف فيصلو غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.
چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته 60 ڏينهن جي مدي ۾ فيصل واوڊا جي خلاف درخواست اچي چڪي هئي. اوهان بي گناهي ثابت ڪريو، جيڪڏهن اوهان جا هٿ صاف آهن ته اليڪشن ڪميشن کي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ ڏيو اوهان کي اليڪشن ڪميشن کان ڪارروائي جو ڪهڙو ڊپ آهي؟ جنهن کان پوءِ عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔