سيمي فائنل ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

دبئي: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي
دبئي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا جي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
پاڪستاني اوپنرن هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين بيٽنگ ڪندي ٽيم کي 71 رنسن جو اسٽارٽ فراهم ڪيو، ان موقعي تي بابر اعظم 39 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته محمد رضوان 67 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي پويلين موٽيو.
فخر زمان جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 32 بالن تي 55 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستان مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 2، جڏهن ته پيٽ ڪمنز ۽ ايڊم زمپا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم آسٽريليا گهربل هدف 19 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔