افغان ڀائرن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اپيل ڪئي آهي ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پنهنجي ذميواري پوري ڪري.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ افغان عوام سان گڏ بيٺل رهيو، افغان پرڏيهي وزير ۽ وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته افغان ڀائرن جون انساني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.

هن چيو ته افغان عوام لاءِ اسان خوراڪ، دوائون ۽ شيلٽرز موڪلي رهيا آهيون، افغان بارڊر کان پاڪستان ايندڙ شهرين کي مفت ڪووڊ ويڪسين لڳائي پئي وڃي، افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پنهنجي ذميواري پوري ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔