عمران نيازي عوام کانپوءِ پارليامينٽ جو اعتماد به وڃائي ڇڏيو: شهباز شريف

لاهور: ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومتي اتحادين جي رويي کي جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ٿيڻ عمران نيازي جي اڪثريت وڃائڻ جي علامت آهي، مهانگائي ستايل عوام کانپوءِ پارليامينٽ به عمران نيازي تي اعتماد وڃائي ڇڏيو.

هن چيو ته اتحادين جو ڪاري قانون سازي جو حصو بڻجڻ کان انڪار جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، اتحادين جي انڪار ۽ خدشن کانپوءِ حڪومت ڪارا قانون واپس وٺي، حڪومت نيب ترميمي آرڊيننس، ووٽنگ مشين، چونڊ سڌارن جا قانون واپس وٺي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چورن جيان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو ۽ اونداهيءَ ۾ ملتوي ڪيو ويو، رات جي اونداهي جيان حڪومت جي نيت به ڪاري آهي، زبردستي ڪرسيءَ تي چنبڙي ويهڻ بدران عمران نيازي استعيفيٰ ڏئي قوم کي رليف ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔