ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ استادن کان ايجنٽن پاران ترقين لاءِ رشوت اوڳاڙڻ جو انڪشاف

ڪراچي : ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ استادن ۽ پروفيسرن کان مختلف ايجنٽن پاران ترقيون ڏيارڻ جو جواز ڄاڻائي رشوت اوڳاڙڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري ڊي جي ڪاليجز ۽ سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن کي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي

سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن پاران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد ۽ سکر ڊويزن جي ريجنل ڊائريڪٽرن کي خط لکي هدايت وئي آهي ته استادن ۽ پروفيسرن کان ترقين جي نالي تي پئسا وٺندڙ گروه جي نشاندهي ڪئي وڃي، جيڪي ماڻهو ان عمل ۾ ملوث آهن انهن جا تفصيل مهيا ڪيا وڃن، جيئن سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي مختلف ضلعن مان شڪايتون مليون هيون ته استادن ۽ پروفيسرن کي ترقيون ڏيارڻ لاءِ ايجنٽن پاران پئسا ورتا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔