ملازم برطرف ڪرڻ واري ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف وفاقي حڪومت ۽ برطرف ملازمن جون اپيلز ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون، وفاقي حڪومت سوڌو لاڳاپيل ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آھن

عدالت فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بابت اٽارني جنرل جي استدعا رد ڪندي چيو آهي ته پهرين ٻڌڻي تي رڳو انساني همدردي جي بُنيادن تي اسٽي آرڊر جاري نٿو ڪري سگهجي، 29 نومبر کانپوءِ اپيلز تي روزانو ٻڌڻي ڪئي ويندي

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته عدالتي فيصلي سان 16 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿيا آهن، روزانو ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، برطرف ملازمن جي جاءِ تي نيون ڀرتيون به نٿيون ڪري سگهجن، سرڪاري ادارن جو ڪاروهنوار متاثر ٿي رهيو آهي، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته حڪومتون سرڪاري خزاني مان خيرات نٿي ڏئي سگهن

ھن چيو تھ پاڪستان 16 هزار نه، پر 25 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، اپيلز تي وڌيڪ ٻڌڻين دوران نيون شيون سامهون اچي سگهن ٿيون، عدالت ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔