شوڪاز نوٽيس ڪيس: اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش، ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير اعظم سواتي جي خلاف شوڪاز نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ اعظم سواتي جي خلاف شوڪاز نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
وفاقي وزير اي سي پي جي سامهون پيش ٿيو. اعظم سواتي جي وڪيل علي ظفر ٻڌايو ته اسان کي اليڪشن ڪميشن جو ٻيو نوٽيس ناهي مليو. اڄ خبر پئي ته اليڪشن ڪميشن 2 نوٽيس جاري ڪيا آهن. ان تي اليڪشن ڪميشن چيو ته سينيٽر اعظم سواتي گذريل ٻڌڻي تي موجود هو کيس سموري خبر آهي.
اعظم سواتي جي وڪيل چيو ته گذارش آهي ته نوٽيس ڏئي ڇڏيو ته جيئن جواب ڏئي سگهان. اليڪشن ڪميشن چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي چارج فريم ڪنداسين. جنهن تي وڪيل علي ظفر چيو ته هن وقت فيصلو نه ڏيو ايندڙ ٻڌڻي صرف جواب جي لاءِ رکو. جيڪڏهن اوهان ٻڌڻي چارج فريم جي لاءِ رکندو ته تاثر اهو ويندو ته اوهان فيصلو ڪري ويٺا آهيو. مون کي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جي لاءِ وقت گهرجي.
ميمبر شاهه محمد جتوئي اعظم سواتي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ٻڌايو ته اهو قانون ڪٿي آهي ته پهريان اوهان جواب ڏيندو ته چارج فريم ٿيندو. ان تي وڪيل علي ظفر چيو ته اوهان منهنجي جوابن تي دليل ٻڌي فيصلو ڪندا. مان اوهان جي اليڪشن ڪميشن جي سٺي تاثر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن تي ميمبر نثار جتوئي چيو ته ٻڌايو وڃي ته پهريان ڪهڙو تاثر وڃي چڪو آهي. جنهن تي اعظم سواتي جي وڪيل چيو ته شوڪاز جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ڪيئن فرد جرم لاڳو ٿي سگهي ٿي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
وفاقي وزيراعظم سواتي اليڪشن ڪميشن آفيس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم اڌ ڪلاڪ ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو اها قانون ۽ انصاف جي سوڀ آهي. ملڪ ۾ چونڊ اصلاحون آڻڻ پارليامينٽ ۽ وزيرن جو بنيادي ڪم آهي. چونڊن ۾ ڌانڌلي جي نعرن مان جان ڇڏائڻ لاءِ چونڊ اصلاحون آهن. ايندڙ وقت ۾ اليڪشن ڪميشن چونڊ اصلاحن لاءِ اهم ڪردار اد اڪندو . اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. آزاد ۽ خودمختيار اليڪشن ڪميشن جا خواهشمند آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔