محمد رضوان ۽ شعيب ملڪ آسٽريليا جي خلاف ميچ کان اڳ مڪمل صحتياب

ابوظهبي: (خميس 11 نومبر 2021ع) آسٽريليا جي خلاف سيمي فائنل کان اڳ محمد رضوان ۽ شعيب مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا آهن.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلد ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ آسٽريليا جو مقابلو ڪندي. ايونٽ ۾ هينئر تائين ناقابل شڪست رهندڙ پاڪستاني ٽيم جي لاءِ گذريل ڏينهن اها خبر سامهون آئي هئي ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ بخار ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ بنهي پريڪٽس سيشن ۾ به حصو ناهي ورتو.
ذريعن موجب وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ جو بخار لهي ويو آهي جنهن کان پوءِ ٻنهي آسٽريليا جي خلاف ميچ ۾ شرڪت ڪندا. ٻئي طرف پي سي بي چيو آهي ته ميڊيڪل پينل محمد رضوان ۽ شعيب ملڪ جو جائزو وٺندو ۽ ميچ کان اڳ ٻنهي جو فٽنس ٽيسٽ به ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔