آمريڪا ۾ مهانگائي جو 30 سالن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ مهانگائي جو 30 سالن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي ۽ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي.
ليبر ڊپارٽمنيٽ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪنزيومر پرائس انڊيڪس(سي پي آء) آڪٽوبر ۾ ختم ٿيندڙ 12 مهينن ۾ 6.2 سيڪڙو وڌي ويو جيڪو تيل، گاڏين ۽ گهرن جي قيمتن ۾ اضافي جي 30 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي.
آمريڪي ليبر ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل انگن اکرن تي ماهر به حيران آهن. ٻئي طرف آمريڪي صدر جوبائيڊن مهانگائي جي خلاف جنگ کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي ۾ اضافو عارضي ثابت ٿيندو. ماهرين جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا جي دوران به مهانگائي ايتري ناهي وڌي پر ويڪسين ۽ لاڪ ڊائون سميت ٻين پابندين جي ختم ٿيڻ ۽ معمول واري زندگي جي بحالي سان گڏ ئي قيمتن ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.
ڪارڪنن جي کوٽ سبب سڄي دنيا ۾ سپلائي واريون شيون متاثر ٿيڻ سان به قيمتن تي فرق پيو آهي. مهانگائي جي 30 سالن واري رڪارڊ جي خبرن تي آمريڪي منڊين ۾ ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو ويو ۽ ڊائو جونز 0.7، ايس اين پڊ ۾ 0.8 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. جڏهن ته نيسڊيڪ 1.7 سيڪڙو ڪري پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔