قسم سان چوان ٿو ته ٽي ايل پي سان معاهدي بابت ڪا به خبر نه آهي: شيخ رشيد

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته قسم کڻي چوان ٿو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) سان ٿيل معاهدي بابت مون کي ڪا به خبر نه آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسپيڪر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو هوندو، اتحادين جون شڪايتون هونديون آهن، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڳتي هليو ويو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، بهتري جي ڳالهه ٿيندي

شيخ رشيد چيو آهي ته مان ڳالهين جو حامي آهيان، سمورن ماڻهن کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، مان پهرين ڏينهن کان ٽي ايل پي سان ڳالهين جو حامي هيس، مان خونريزي يا خون خرابي جو حامي نه آهيان

ٽي ايل پي سان معاهدي جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير چيو ته جڏهن لفافو کلندو ته پوري قوم کي خبر پئجي ويندي ته ڇا معاهدو ٿيو آهي، مان حلفيه چوان ٿو ته مون کي هن بابت ڪا به خبر نه آهي، ٽي ايل پي سان ٿيل پهرين واري معاهدي ۾ شامل هيس ۽ پنهنجي صحيح تي قائم آهيان

گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل ٻڌڻي بابت شِخ رشيد چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ساڌوڪي ۾ مارجي ويلن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، مملڪتي وزير سٺي ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هن کي گهرايو ته هو وڃڻ لاءِ تيار آهي

شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان انشاءَ الله 5 سال پورا ڪندو، مان عمران خان سان گڏ بيٺو آهيان ۽ اهائي دعا آهي ته هو 5 سال پورا ڪري

افغانستان جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان ۾ پندره ڏينهن کانپوءِ سيارو اچي رهيو آهي، ٻارڙا بک سان مري رهيا آهن، مسلمان جي پاڙي ۾ ٻارڙا بک سان مرن ته مسلمان سمهي نٿو سگهي، اسان کي افغان عوام جي مدد ڪرڻي پوندي، نه ته افغانستان جا اثر پاڪستان تي به پوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔