ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان اڄ آسٽريليا جي خلاف ميدان ۾ لهندو

ابوظهبي: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ٻيون سيمي فائنل اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ دبئي ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستاني ٽيم متحده عرب امارات جي زمين تي لاڳيتو 16 ميچز ۾ ناقابل شڪست آهي.
پاڪستان کي 2016 کان هينئر تائين هتي ڪنهن به ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست ناهي پر هن ڀيري ميچ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جو ناڪ آئوٽ دنگل آهي ۽ آءِ سي سي ايونٽ جي ناڪ آئوٽ مقابلن ۾ پاڪستان جو ڪينگروز جي خلاف رڪارڊ ڪو خاص ناهي رهيو. ٻئي ٽيمون ان کان اڳ 4 ڀيرا ڪنهن به فارميٽ ۾ آءِ سي اي ايونٽس جي ناڪ آئوٽ مقابلن ۾ آمهون سامهون ٿيون آهن.
1987ع جي ورلڊ ڪپ سيمي فائنل، 1999ع جو ورلڊ ڪپ فائنل، 2010 جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل ۽ 2015 ورلڊ جي ڪوارٽر فائنل جي ميچز ۾ آسٽريليا ئي ڪامياب ٿيو آهي. گڏيل طور تي ٻئي آءِ سي سي ايونٽس ۾ 17 ڀيرا آمهون سامهون ٿيا. 10 ڀيرا آسٽريليا ۽ 7 ڀيرا پاڪستان کٽيو. ان مان 6 ميچز ٽي ٽوئٽي ورلڊ ڪپ جا هئا ٻئي 3-3 ڀيرا فاتح رهيا آهن۔
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ گڏيل طور تي 23 ٽي ٽوئنٽي ميچز ٿيا جنهن مان پاڪستان 13 ۽ آسٽريليا 9 ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ان ميچز ۾ 8 متحده عرب امارات جي زمين تي ٿيا آهن ۽ ان 8 مان پاڪستان 6 ميچز کٽيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔