ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ11 مريض فوت، 400 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 558 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 77 هزار 560 ٿي ويو آهي.
هاڪاري ڪيسز جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ رڪارڊ ڪئي وئي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 400 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 41 هزار 257، سنڌ ۾ 4 لک 72 هزار 213 خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 78 هزار 68، بلوچستان ۾ 33 هزار 345، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 394، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 169، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 495 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 11 لک 85 هزار 396 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 42 هزار 373 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 26 هزار 157 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 206 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 11 مريض فوت ٿيا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 558 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ 12 هزار 954، سنڌ ۾ 7 هزار 598، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 774، اسلام آباد ۾ 947، بلوچستان ۾ 358، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 741 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔