عالمي بئنڪ افغانستان جي امداد بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: عالمي بئنڪ جي سربراهه افغانستان جي روڪيل امداد بحال ڪرڻ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ميلپاس چيو آهي ته افغانستان جي تباهه معيشت ۾ ڪم ڪرڻ جو سوچي به نٿا سگهون.
واضح رهي ته عالمي بئنڪ طالبان جي ڪنٽرول سنڀالڻ کان پوءِ افغانستان جي امداد روڪي ڇڏي هئي. 2002 کان پوءِ عالمي بئنڪ جا افغانستان ۾ 5.3 ارب ڊالرن جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا هلي رهيا هئا. هوڏانهن آءِ ايم ايف به افغانستان جي امداد معطل ڪري چڪو آهي.
جڏهن ته آمريڪا طرفان به طالبان کي افغانستان جي 9 ارب ڊالرن جي ذخيرن تائين پهچ به روڪي ڇڏي آهي. عالمي بئنڪ جي سربراه وڌيڪ چيو آهي ته اسان ريڊ ڪراس جي عالمي ڪميٽي ۽ گڏيل قومن جي ايجنسي سان به ملاقات ڪئي آهي جيڪا هن وقت به ملڪ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. طالبان جي حڪومت کي عالمي طور تي مڃڻ نه باوجود آمريڪا انساني امداد جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ افغانستان مٿان پنهنجي پابندين ۾ ڪجهه نرمي ڪئي هئي.
طالبان آمريڪا کان 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي افغان مرڪزي بينڪ جي ذخيرن تي پابندين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو. جنهن تي آمريڪي نائب ناڻي واري وزير چيو هو ته طالبان جي خلاف آمريڪي پابندين کي برقرار رکڻ ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ افغان عوام کي جائز طريقي سان امدادي امداد به پهچائيندا رهنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔