انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه لاهور پھچي ويو

ڪراچي: انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چيف ايگزيڪٽو ٽام هيريسن لاهور پهچي ويو جتي هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ انگلينڊ جو ايندڙ سال پاڪستان جي دوري بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه ٽام هيريسن چيئرمين پي سي بي کي ايندڙ سال دوري بابت مڪمل خاطري ڪرائيندو جڏهن ته هو هن دوري کانپوءِ آءِ سي سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي روانو ٿيندو

سيپٽمبر ۾ نيوزيلينڊ کانپوءِ انگلينڊ طرفان به پاڪستان جو دورو ملتوي ڪيو ويو هو جنهن ڪري ٻنهي بورڊز جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا، جنهن جي ڪري اي سي بي جو سربراهه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان واسطا بهتر ڪرڻ لاءِ پاڪستان آيو آهي

واضح رهي ته گذريل مهيني پهرين ون ڊي ميچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه پل اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سيڪيورٽي خدشن جو بهانو بڻائي پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز ملتوي ڪئي وئي، نيوزيلينڊ طرفان دورو متلوي ڪرڻ کانپوءِ انگلينڊ بورڊ به پاڪستان جو طئي ٿيل دورو به متلوي ڪري ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔