سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرز کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرز کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ سرڪار جون اپيلز ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيون ويون آھن

عدالت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾ فارغ ٿيل آفيسرز ۽ ملازمن کي به ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي، ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي اي جي سنڌ چيو ته هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي قانون کي غيرآئيني قرار ڏنو هو، نه ڪو آفيسر هن ڪيس ۾ ڌُر هو ۽ نه ئي اي جي سنڌ جو موقف ٻڌو ويو

سپريم ڪورٽ سمورن آفيسرز جي اپيلز کي به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي، سنڌ حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن جو قانون معطل ڪرڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔