هاڻ ٽوئيٽر تان به پيسا ڪمائي سگھجن ٿا

گوگل، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جيان ٽوئيٽر به سوشل ميڊيا انفلوئينسرز لاءِ پيسا ڪمائڻ جو موقعو متعارف ڪرائي ڇڏيو.
مطلب اهو آهي ته هاڻ اوهان به دنيا جي سڀ کان وڏي مائڪرو بلاگنگ پليٽ فارم تان پيسا ڪمائي سگھو ٿا، پر شرط اهو ته ٽوئيٽر تي اوهان کي چاهيندڙ يعني فالورز جو انگ وڌيڪ هجي.
في الحال ٽوئيٽر تي پسو ڪمائڻ يا ”مونيٽائزيشن“ لاءِ ڪجهه پروگرام ئي موجود آهن جن کي ڪجهه مهينن دوران آزمائشي طور تي شروع ڪيو ويو آهي.
جيتوڻيڪ ان جو دائرو هن وقت رڳو آمريڪا تائين محدود آهي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ به ان مان فائدو وٺي سگھندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔