نوجوانن کي موقعو ڏيڻ خاطر محمد حفيظ جو اهم فيصلو

لاهور : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ خاطر وڏو قدم کڻي ورتو.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت دبئي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ ۾ مصروف آهي ۽ محمد حفيظ به ٽيم جو حصو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪرڻو آهي ۽ محمد حفيظ ان دوري تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جي دوري ۾ سينيئر آل رائونڊر محمد حفيظ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ چاهي ٿو.
ذريعن موجب محمد حفيظ بنگلاديش جي دوري تان هٿ کڻڻ جي فيصلي بابت بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي جاءِ تي افتخار احمد کي اسڪواڊ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو.
واضح رهي ته قومي ٽيم بنگلاديش خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي، ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 19 نومبر تي کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔