ڪراچي: پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ اڄ به واڌ ٿي آهي.
انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڊالر جو وهاءُ اڄ 50 پئسا وڌيو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر 170.51 رپيا رهيو.
ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو وهاءُ هڪ رپيو وڌيو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 173 رپين جو ٿي ويو آهي.