شهباز شريف جو ٽي ايل پي سان معاهدو پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو

اسلام آباد: مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان معاهدي کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ڪالعدم تنظيم سان معاهدي بابت حڪومت پارليامينٽ ۾ اچي ٻڌائي، هر شئي ڳجهي آهي، تنهن ڪري حڪومت ٻڌائي ته ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي.

هن چيو ته ڪالعدم تنظيم تان پابندي کڻڻ جي معاملي تي مشاورت سان جواب ڏينداسين.

واضح رهي ته گذريل رات گهرو وزارت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻ ٽي ايل پي پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکي سگهندي، جڏهن ته معاهدي تحت ٽي ايل پي وزيرآباد ۾ 11 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔