اسلام آباد ۾ مندر جي اڏاوت لاءِ رکيل جاءِ جي الاٽمينٽ رد

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ مندر جي اڏاوت خلاف ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ مندر جي اڏاوت لاءِ رکيل جاءِ جي الاٽمينٽ رد ڪئي وئي آهي.

ڪيپيٽيل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) اسلام آباد ۾ هندو مندر جي اڏاوت لاءِ رکيل جاءِ جي الاٽمينٽ رد ڪري ڇڏي، سيڪٽر ايڇ نائن ٽو ۾ مندر جي اڏاوت لاءِ جاءِ رکي وئي هئي، جتي هندو برادري لاءِ مندر، ڪميونٽي سينٽر ۽ شمشان گهاٽ ٺهڻو هو.

جسٽس عامر فاروق مندر جي اڏاوت خلاف شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، سي ڊي اي وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو.

وڪيل چيو ته مندر جي اڏاوت وفاقي ڪابينا جي هدايت تي ڪينسل ڪئي وئي، ڇو ته وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي هئي ته گرين ايرياز ۾ جن عمارتن جي اڏاوت ناهي ٿي، انهن کي ڪينسل ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔