جماعت اسلامي جو پينڊورا پيپرز تي سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد: جماعت اسلامي پينڊورا پيپرز جي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پينڊورا پيپرز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاناما پيپرز سان گڏ پينڊورا ليڪس ۾ شامل ماڻهن خلاف به جاچ ڪئي وڃي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسان پيڊورا پيپرز جي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، اميد ته سپريم ڪورٽ ڪارروائي ڪندي.

هن چيو ته عمران خان پاناما پيپرز ۾ سڀني کي ڇڏي نواز شريف کي ٽارگيٽ ڪيو، 4 سال گذرڻ کانپوءِ به پاناما پيپرز جي 436 ڄڻن خلاف ڪارروائي نه ٿي.

سندس چوڻ هو ته بلين ٽري سونامي منصوبو اسان جو پي ٽي آءِ سان اتحاد ختم ٿيڻ کانپوءِ آيو، مالم جبا ۽ بي آر ٽي سميت هر اسڪينڊل تي ڪارروائي چاهيون ٿا.

سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ احتساب جا ادارا تڪراري ۽ ڌر ٿي چڪا آهن، پي ٽي آءِ حڪومت نيب جا پَر ڪٽي ڇڏيا آهن، پي ٽي آءِ نيب قانونن ۾ ترميم ڪري پاڻ کي اين آر او ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔