شعيب اختر کي 10ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس جاري

لاهور: شعيب اختر کي 10ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، 3 مهينن جي پگهار تقريبن 33 لک رپيا به واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
سرڪاري ٽي وي انتظاميا اسٽار ڪرڪيٽر کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو. شعيب اختر کي معاهدي جي ابتڙ ٽي وي پروگرام ڇڏڻ تي نوٽيس موڪليو ويو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي وي جي اسپورٽس پروگرام دوران شعيب اختر اينڪر سان منهن ماري بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
سرڪاري ٽي وي بنا نوٽيس جي نوڪري ڇڏڻ ۽ پروگرام ۾ غير حاضر رهڻ تي شعيب اختر کي 3 مهينن جي پگهار جيڪا 33 لک رپيا ٿئي ٿي، اها واپس ڪرڻ جو به نوٽيس موڪليو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔