قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس، عسڪري قيادت بريفنگ ڏيندي

اسلام آباد : قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس، سياسي ۽ عسڪري قيادت پارليامينٽ هائوس پهچي وئي آھي، عسڪري قيادت قومي سلامتي صورتحال تي سياسي قيادت کي بريفنگ ڏيندي

قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ليڊر شھباز شريف، تحريڪ انصاف کان ڊپٽي پارلياماني ليڊر شاھ محمود قريشي، پيپلزپارٽي کان بلاول ڀٽو زرداري، ايم ايم اي کان مولانا اسعد محمود، ق ليگ کان چوڌري طارق بشير چيما، بلوچستان نيشنل پارٽي کان اختر مينگل، ايم ڪيو ايم کان ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، بلوچسان عوامي نيشنل پارٽي کان خالد حسين مگسي، جي ڊي اي کان غوث بخش خان مھر، عوامي مسلم ليگ کان شيخ رشيد احمد، عوامي نيشنل پارٽي کان امير حيدر اعظم خان شرڪت ڪندو

پرويز خٽڪ، اعجاز شاھ، علي امين خان گنڊاپور، شفقت محمود، اسد عمر، شبلي فراز ۽ ٻيا بھ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، صدر، وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلستستان جو وڏو وزير بھ خصوصي شرڪت ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔