سڀني کي جي ايس ٽي ۽ انڪم ٽئڪس ڏيڻو پوندو، ٻيا ٽئڪس ختم ڪري ڇڏينداسين:شوڪت ترين

اسلام آباد :ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آھي تھ سڀني کي جي ايس ٽي ۽ انڪم ٽئڪس ڏيڻو پوندو، ٻيا ٽئڪس ختم ڪري ڇڏينداسين

 ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين وڌيڪ چيو آهي ته هاڻي اهو وساري ڇڏيو ته ٽئڪس نه ورتو ويندو، ٽئڪس وٺڻ رياست جو حق آهي ۽ اسان ٽئڪس وٺنداسين، عالمي ادارن تي ڀاڙڻ جي روايت ختم ڪرڻي آهي، واپارين کي واضح ڪيو ته ٽئڪس نٿا ڏيو ته توهان کي نمائندگي ۽ ووٽ ڏيڻ جو به حق ناهي

شوڪت ترين وڌيڪ چيو تھ توهان پنهنجا ٽئڪس ريٽرن ڀريو، ايف بي آر سوڌو ڪير به هراسان نه ڪندو، حڪومت وٽ سڀني جي ٽئڪس ادائگي بابت تفصيل اچي ويا آهن، آرٽيفشل انٽيليجنس استعمال ڪندي آمدني جو به پتو لڳائينداسين، رڳو تفصيل ڏيکاري گذارش ڪنداسين ته اهي صحيح آهن ته ٽئڪس ڀريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔