شهيد ناظم جوکيو ڪيس:پ پ ايم پي اَي ڄام اويس سميت 2 گارڊز جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن واڌ

ملير : شهيد ناظم جوکيو ڪيس ۾ پ پ ايم پي اَي ڄام اويس سميت ٻن گارڊز جَي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن واڌ ڪئي وئي آھي، ملير جِي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار روپوش آهن، مقتول جَي وڪيل طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جِي استدعا ڪئي وئي آھي

ڪيس بابت عدالت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، شهيد ناظم جوکيو ڪيس جو جاچ آفيسر تبديل، اسد الله انصاري کي هٽائي غلام مجتبيٰ کي نئون جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ عدالت ۾ وڪيلن ۽ شھيد جي وارثن طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو

 ايس ايس پي عارب مهر موجب وارثن جَي بيان موجب ڄام عبدالڪريم سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو، وڪيلن طرفان شهيد ناظم جوکيو جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان، ناظم جوکيو جَي ڀاءُ افضل جوکيو چيو آهي ته دٻاءُ کي جُتي هيٺان رکان ٿو، ڀاءُ جَي خون سان انصاف لاءِ هر حد تائين ويندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔