ڀارتي ٽيم ايئرپورٽ جلدي ڪيئن پهچي؟، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جي ميچ ۾ ڪيويز جي فتح کانپوءِ ڀارتي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي، ايونٽ مان ٻاهر ٿيڻ تي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايئرپورٽ جلد پهچڻ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو

فواد چوڌري ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪندي لکيو آهي ته ڀارت جي لاءِ هڪ وڏي خبر آهي، جيڪڏهن ڀارت نميبيا جي خلاف کيڏي ويندڙ آخري ميچ ۾ 3 اوورز ۾ ميچ ختم ڪري ٿو ته هو ايئرپورٽ جلدي پهچي سگهي ٿو

فواد چوڌري جي هن ٽرولنگ کانپوءِ صارفين به وڏي تعداد ۾ پنهنجا دلچسپ ۽ مزاحيه تبصرا پيش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه صارفين پاران فواد چوڌري جي هن مشوري کي ري ٽويٽ به ڪيو پيو وڃي، هن کان علاوه ٽوئٽر تي بگ نيوز فار انڊيا به ٽرينڊ ڪري رهيو آهي، جنهن تحت ڪرڪيٽ جا شوقين ڀارتي ٽيم جو مزاق اڏائي رهيا آهن، واضح رهي ته ڀارت پنهنجي گروپ جو اڄ آخري ميچ نميبيا جي خلاف دبئي انٽر نيشل اسٽيڊيم ۾ کيڏندو، ميچ پاڪستاني وقت موجب شام 7 وڳي شروع ٿيندي

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔