اڏامندڙ موٽرسائيڪل وڪري لاءِ پيش

ڇا ڪڏهن اوهان تصور ڪري سگھو ٿا ته دنيا ۾ اهڙي موٽرسائيڪل به ايندي جيڪا هوائي جهازن ۽ هيلي ڪاپٽرن جيان هوام ۾ اڏامندي؟
هن دور ۾ جتي ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ روز جدت ايندي اچي رهي آهي ۽ اتي ئي وري هڪ جاپاني ڪمپني اي ايل آءِ ٽيڪنالوجي اڏامندڙ ”ايڪس ٽوريسمو“ نالي هوور موٽرسائيڪل تيار ڪئي آهي جنهن کي 27 آڪٽوبر تي لانچ ڪيو ويو هو.
اي ايل آءِ ٽيڪنالوجيز موجب اڏامندڙ جديد ترين موٽرسائيڪل هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ تي 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 40 منٽن تائين 100 ڪلوگرام وزن سان گڏ سولائي سان اڏامي سگھي ٿي.
ساڍا 11 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ قيمت وارو هوور موٽرسائيڪل ۾ انجڻ کان سواءِ چار بيٽريو به ڏنيو ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔