وزيراعظم عمران خان عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عوام جي تڪليفن جو تدارڪ عمران خان جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين ويندو. وفاقي وزير فواد وڌري سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ ملڪي جي تاريخ جي وڏي عوامي ريليف پيڪيج جو اعلان ڪندو. اهو پيڪيج عوام جي پريشانين ۾ گهٽتائي ۽ ان جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندو.
هوڏانهن مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران صاحب مهانگائي معاشي تباهي، بيروزگاري جو ذميوار آهي. اوهان جو استعيفيٰ ئي سڀني کان وڏو ريليف پيڪيج آهي جيڪو عوامي پريشانين ۾ گهٽتائي ۽ آسانيون پيدا ڪندو. بهتر آهي ته هو قوم کي خطاب ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔