وزيراعظم عمران خان اڄ شام پنجين وڳي قوم کي خطاب ڪندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ شام جو پنجين وڳي قوم کي خطاب ڪندو. وزيراعظم عمران خان اهم فيصلن تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو. وزيراعظم عمران خان خطاب ۾ ريليف پيڪيج جو اعلان ڪندو.
ريليف پيڪيج مان ملڪ جي 53 سيڪڙو آبادي کي فائدو ٿيندو. ان حوالي سان وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عوام جي تڪليفن جو تدارڪ عمران خان جي پهرين ترجيح آهي. عمران خان عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين ويندو.
هن ٽوئٽر تي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ عوامي ريليف پيڪيج جو اعلان ڪندو. پيڪيج عوام جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔