سموري سنڌ ۾ هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 67 مريض ڊينگي وائرس ۾ مبتلا

ڪراچي: سموري سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 67 مريض ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. سنڌ جي صحت کاتي موجب گذريل ڏينهن صوبي ۾ 67 مريضن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي جن مان 40 جو تعلق ڪراچي سان هو.
ٻئي طرف پنجاب جي صحت کاتي موجب صوبي ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 494 ڪيسز سامهون آيا آهن.
پنجاب جي صحت کاتي ٻڌايو آهي ته اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب 94 ماڻهو متاثر ٿيا. هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 267 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔