انضمام الحق ڀارت جي افغانستان کان به شڪست جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر کان پوءِ اڳوڻي ٽيسٽ رانديگر انضمام الحق ۽ مشتاق احمد به اڄ ڀارت جي خلاف افغانستان جي فتح جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي انضمام الحق چيو ته افغانستان ڀارت کي شڪست ڏئي سگهي ٿو پر هاڻ ڀارت دٻاءُ ۾ نه آهي. ان لاءِ هو بهتر ڪرڪيٽ کيڏندو. اڳوڻي رانديگر مشتاق احمد چيو ته افغان ٽيم جو ڪامبينيشن تمام سٺو آهي. افغان اسپنرز سٺي پرفارم ۾ آهن ان لاءِ افغانستان وٽ کٽڻ جو سٺو موقعو آهي. واضح رهي ته ڀارت ۽ افغانستان جو ايندڙ ميچ اڄ شام جو ٿيندو.
افغانستان هن وقت 4 پوائنٽن سان گروپ 2 ۾ ٻئين نمبر تي آهي ۽ جيڪڏهن هن ڀارت کي شڪست ڏني ته هن جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔