نائجيريا ۾ گهڻ ماڙ عمارت ڪِري پئي، 6 ڄڻا فوت، 100 دٻيل

ابوجا : نائجيريا جي سڀ کان وڏي شهر لاگوس ۾ هڪ اوچي عمارت پَٽ پوڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.
امدادي ڪارڪنن موجب اڃا تقريبن 100 ڄڻا دٻيل هجڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته 7 ڄڻن کي جيئرو ڪڍيو ويو آهي.
اها 21 ماڙ عمارت سومر ڏينهن ڪِري هئي، جڏهن ته اڃا تائين حادثي جا سبب خبر ناهن پئجي سگهيا.
ڪيترائي رهواسي امدادي ڪارروائين ۾ سستي تي انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، جڏهن ته ماڻهو دٻيل هجڻ سبب وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي.
واضح رهي ته 2014 ۾ لاگوس ۾ هڪ چرچ جو گيسٽ هائوس ڪِرڻ سبب هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔