حمزه شهباز جو خورشيد شاهه سان ٽيليفون تي رابطو، لاهور اچڻ جي دعوت

لاهور: پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهباز جو پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. حمزه شهباز خورشيد کي آزادي تي مبارڪباد ڏني ۽ لاهور اچڻ جي دعوت به ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب خورشيد شاهه هلندڙ هفتي لاهور پهچندو. حمزه شهباز خورشيد شاهه کي مانجهندو پڻ ڏيندو. جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي جي حوالي سان صلاح مشورا به ٿيندا. ذريعن موجب حمزه شهباز ٽيليفون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ چيو آهي ته اوهان جي جمهوريت لاءِ قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.
موجوده حڪومت انتقام جي سياست ڪئي ۽ ملڪ جي طرف ڌيان ناهي ڏنو. عمران خان ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ڪينسر بڻجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔