هنگو ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 دهشتگرد مارجي ويا

هنگو: هنگو ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن

ميڊيا رپورٽس موجب سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته هنگو جي علائقي ٽل ۾ سي ٽي ڊي ڪوهاٽ پاران دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ان دوران فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن

سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي، علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي جي شڪ ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش پنهنجي قبضي ۾ ورتا ويا آهن

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔