بينڪن تي سائبر حملي، رقم ڪڍرائڻ ۽ ڊيٽا چوري ڪرڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي : اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وضاحت ڪئي آهي ته 9 بينڪن تي سائبر حملي، رقم ڪڍرائڻ ۽ ڊيٽا چوري ڪرڻ وارن خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي

مرڪزي بينڪ پنهنجي بيان ۾ اهڙي اطلاعن جي ترديد ڪئي ۽ واضِح چيو ته سائبر حملن بابت مرڪزي ترجمان عابد قمر جو حوالو ڏئي هلائي ويندڙ خبرون ڪوڙيون آهن

بيان ۾ هي به چيو ويو آهي ته پاڪستان جو بينڪنگ سسٽم محفوظ آهي ۽ نيشنل بينڪ کان علاوه ڪنهن به ٻئي بينڪ تي سائبر حملي جي ڪا به اطلاع ناهي ملي، نه ئي ڪٿان رقم ڪڍرائڻ يا ڊيٽا چوري ٿيڻ جي خبر ملي آهي

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بينڪ صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، اهڙي ڪا به معلومات يا تازه صورتحال اسٽيٽ بينڪ جي سرڪاري ذريعي سان ئي جاري ڪئي ويندي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔