سعد رضوي جي آزادي خلاف حڪومتي اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو، وڌيڪ هڪ هزار ڪارڪن آزاد

اسلام آباد: حڪومت ۽ ٽي ايل پي ۾ معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم وچ ۾ معاهدي کانپوءِ پنجاب مان گرفتار 860 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وڌيڪ هڪ هزار ڪارڪنن کي پڻ آزاد ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي گهرو کاتي موجب سعد رضوي جي آزادي خلاف پنجاب حڪومت پاران داخل ڪيل اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن تي ڪيس داخل نه هئا تن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جن مٿان ڪيس داخل آهن تن کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔