سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 2 مريض فوت، 263 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي 14510 نمونن جي جاچ ڪئي وئي، جنهن دوران وڌيڪ 263 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو مجموعي انگ 7571 ٿي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 163 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ماڻهن جو ڪل انگ 450194 ٿي ويو آهي. هن وقت 11920 مريض علاج هيٺ آهن. جن مان 11693 گهرن ۾، 24 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 203 مريض مختلف اسپتالن ۾ آهن. 199 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته 13 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔