نيب آرڊيننس ۾ ترميم: عمران خان پاڻ ۽ حڪومت کي اين آر او ڏنو: شهباز شريف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان نيب آرڊيننس ۾ ٽئين ترميم کان پوءِ پاڻ کي ۽ پنهنجي حڪومت کي اين آر او ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم سراسر سياسي انتقام آهي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ اپوزيشن کي نشانو بنائڻ جي لاءِ آهي.
شهباز شريف چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم شيطاني ذهنيت جي چٽي نشاني آهي. واضح رهي ته صدر عارف علوي جي منظوري سان ٽيون نيب ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪيو ويو آهي جيڪو 6 آڪٽوبر کان لاڳو هوندو. جنهن ۾ نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان واپس وٺي صدر عارف علوي کي ڏنو ويو آهي. وفاقي سرڪار 6 آڪٽوبر جي آرڊيننس ۾ نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي ڏنو هو.
جوڊيشل ڪائونسل اٽارني جنرل کي نيب چيئرمين کي هٽائڻ جي طريقيڪار تي وضاحت جي هدايت ڪئي هئي. نئين ترميمي آرڊيننس جي تحت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ مريم نواز کي ڪوبه رليف نه ملي سگهندو. اڳ کان قائم سمورا مني لانڊرنگ جا ڪيس ساڳئي طريقي سان هلندا رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔