نيب آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي، ٽي ايل پي سان ڪيل معاهدو عوام آڏو ڇو نٿو آندو وڃي: شاهد خاقان

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب آرڊيننس جي تحت نيب چيئرمين تاحيات هوندو ۽ کيس هٽائڻ جو اختيار صدر کي ڏنو ويو آهي.
صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نئين آرڊيننس جي تحت صدر ڪنهن به وقت نيب چيئرمين کي هٽائي سگهي ٿو. حڪومت جيتري به چوري ڪري کيس معافي آهي. هي صرف هڪ آرڊيننس جي مار آهن. پهرين ڏينهن کان چيو هو ته نيب آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هي آرڊيننس 10 منٽن ۾ ٺاهي سامهون کڻي آيا آهن. قانون سان نه کيڏيو وڃي. حڪومت جي لاءِ مشڪل پيدا ٿي ويندي. چئي ڇڏيو ته نيب آرڊيننس صرف مسلم ليگ(ن) جي لاءِ آهي. عوام کي ٻڌايو(ن) ليگ ڪهڙي ڪرپشن ڪئي آهي.
شاهد خاقان ٽي ايل پي سان ڪيل معاهدو عوام سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پهريان هڪ پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو پوءِ پير جهلي معافيون گهريون ويون. پابندي مڙهيل پارٽي سان ڪيل معاهدو ڪيئن ٿيو عوام جي سامهون ڇو نه پيو آندو وڃي. هن چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي. هر طرف مسئلا ئي مسئلا آهن. حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ حڪومت جي ڪرپشن عوام جي گهرن تائين پهچي وئي آهي.
120 روپيه ڪلو کنڊ مان 70 روپيه عمران خان ۽ سندس وزيرن جي کيسي ۾ وڃي رهيا آهن. براڊشيٽ ۾ ڪنهن پئسا ڪنهن کي ڏنا ان جي ڪنهن کي خبر ناهي. نيب پراسيڪيوٽر ۽ ملازم ڪٽهري ۾ هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔