ملڪ جي موجوده صورتحال: وزيراعظم اتحادي پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اتحادي پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. پارٽي اڳواڻن کي وزيراعظم پابندي مڙهيل ٽي ايل پي سان معاهدي ۽ ملڪ جي موجوده صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو.
ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان مسلم ليگ(ق)، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻن کي ملڪ جي موجوده صوتحال تي اعتماد ۾ وٺندو. وزيراعظم عمران خان اهم حڪومتي فيصلن بابت اتحادي پارٽين سان مشورا ڪندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو هو ته بلدياتي چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏنا ويندا. پارٽي اڳواڻ اڄ کان ئي بلدياتي چونڊن جون تياريون ڪن ۽ عوامي رابطه مهم شروع ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔